سعيد غني چوي ٿو ته عهدو ڇڏيندس پر عمارتون نه ڊاهيندس: جسٽس اعجاز الاحسن

0
241
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب
گجر، اورنگي ۽ محمود آباد نالن جي متاثرن جي معاوضي بابت ڪيس، ميئر ۽ ٻيون ڌريون طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ وڏين ۽ قبضن وارين عمارتن بابت صوبائي وزير سعيد غني پيش ٿيو، عدالت چيو تھ سعيد غني صاحب! ٻڌايو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس هڪ عمارت جي تصوير عدالت ۾ لهرائي ڏيکارِي

 جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سعيد غني چوي ٿو ته عهدو ڇڏيندس پر عمارتون نه ڊاهيندس، چيف جسٽس، اي جي سنڌ کي چيو ته سعيد غني اهو ته ٻڌائي ڪڏهن عهدو ڇڏيندو؟ سپريم ڪورٽ صوبائي وزير سعيد غني کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سعيد غني ميڊيا سان ڳالهين دوران چيو هو ته عدالتي حڪم مڃڻ جا پابند آهيون، هزارين گهر ڊاهڻ بدران استعيفيٰ ڏيڻ پسند ڪندس

ھي به پڙھندا

سنڌ حڪومت ۽ وفاق ۾ هلندڙ تڪرار دوران اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو رويو غيرمناسب آهي:سعيد غني