انڪشافن جا انڊيڪيٽر

0
295
سياست ۽ رياست جو گڏيل مونجھارو

  اقتداري دنيا جا گيمبلر رڳو اهي ناهن جيڪي اقتدار تي بظاهر عمل ڪندي نظر اچن ٿا پر اقتداري دنيا جا گيمبلر سڀ کان وڌيڪ طاقتور اهي آهن جن جي هٿ ۾ رموٽ ڪنٽرول آ يعني اقتدار جو رموٽ ڪنٽرول هوندي نظر ايندي به نظر نٿا اچن. اقتداري دنيا کي جيڪڏهن پرتن ۾ ورهائبو ته سڀني کان مٿاهون ۽ طاقتور پرت هن رياست جي اندر اهوئي آهي جنهن جي هٿ ۾ اقتداري طاقت جو رموٽ ڪنٽرول آ، ٻيو پرت اهو آهي جيڪو اقتدار جي اسٽيج تي ڪردار نڀائيندي نظر ٿو اچي ۽ اقتداري دنيا جو ٽيون پرت اپوزيشن جون سياسي پارٽيون  آهن. رياست جا ادارا طاقت جي توازن واري وهڪري ۾ پنهنجو توازن مٽيندي نظر ايندا آهن پر ان جي باوجود هنن جو پلڙو رموٽ ڪنٽرول جي طرف وڌيڪ لاڙيل رهندو آهي.

بيشڪ اسين هن وقت جي اصطلاح ۾ رموٽ ڪنٽرولي طاقت کي اسٽيبلشمينٽ جو نالو ڏيون ته پاڻ کي انهيءَ تي ڪو به اعتراض ناهي. هونئن به سياسي بحثن مباحثن ۽ تجزين ۾ جيڪي اصطلاح ۽ نالا مروج ٿي ٿا وڃن انهن کي ئي قبول ڪيو ويندو آهي، ڀل انهيءَ تي ڪنهن کي اصولن اختلاف هجي پر مروج حقيقتون طاقتور هجن ٿيون. تنهن ڪري هاڻي اسٽيبلشمينٽ اقتدار تي ويٺل ڌر اپوزيشن جون جماعتون اقتداري گيم جا ٽي پرت آهن انهيءَ ٽرائنگل ۾ رياست جي ادارن کي گھڻي طاقت سان اسٽيبلشمينٽ ئي هلائڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. ان سياست جي دنيا ۾ گيم جا مهرا هر وقت اڳتي پوئتي ٿيندي نظر ايندا آهن پر جڏهن خاص وقت ۽ حالتن ۾ ڪي اينڊيڪيٽر اچڻ شروع ٿين ته انهن اينڊيڪيٽرن جي بنيادن تي اندازا لڳائڻ شروع ڪيا ويندا آهن.

ڪجھه ڏينهن کان دنيا جي ميڊيا ۾ پينڊورا پيپر ليڪ جو گھڻو چرچو رهيو پاڪستان جي اندر پينڊورا جي سيڪ اقتداري ڌر تي گھڻو اثر ڪيو پر ڪمال چالاڪين ۽ حڪمتِ عملين سان اقتداري دنيا جي ٽنهي پرتن ان پينڊورا ليڪس کي بي اثرڪري ڇڏيو. بيشڪ حڪومت جا به مفاد هئا پر جڏهن اپوزيشن بيان بازين کان هڪ قدم به اڳتي نه وڌائي تڏهن هي ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گهرجي ته اپوزيشن ڪيتري حد تائين ٽڪراءُ ڪرڻ چاهي ٿي. انهيءَ کان پهريان نواز شريف کي ڌوڏيندڙ پانامه ليڪس جو اسڪينڊل جڏهن آيو ته ڪورٽ جي دروازن تي پهچايو ويو ۽ انهيءَ ۾ ان وقت جي اپوزيشن پي ٽي آءِ جماعت اسلامي شيخ رشيد ۽ ڪجھه ٻيا هئا پر خاص ڪردار احتجاجن کان پانامه اسڪينڊل تي تحريڪ هلائڻ جو وڏو رول پي ٽي آءِ ادا ڪيو.

جماعت اسلامي جو موقف ته هي هو ته پانامه جي اندر 400 جي لڳ ڀڳ ڪردارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ليڪن معاملو نواز شريف تائين محدود رهيو. هي به حيرتناڪ حقيقت آهي ته نواز شريف کي جيڪا سزا آئي اها تاريخ جي تڪراري سزا چئي ٿي وڃي پر انهيءَ کان وڌيڪ حيرتناڪ پهلو پانامه اسڪينڊل جو هي آهي ته نواز شريف جي خلاف ته اپوزيشن وئي ليڪن خود ن ليگ جي حڪومت هوندي ( واضح رهيو ته نواز شريف جي نااهل ٿيڻ کان پوءِ خاقان عباسي وزير اعظم چونڊيو ويو حڪومت ن ليگ جي هئي ) به پانامه جي ٻين 400 ڪردارن جي خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو ويو،

سڀ جو سڀ صرف تنقيد ۽ مطالبو ڪندا رهيا ته ڪورٽ پاڻ ايڪشن وٺي. تاريخ جو هي به هڪ مزاحيه دور لکيو ويندو جو حڪومتون مظلوم بڻجي مطالبا ڪنديون رهن، هن رياست جي اندر اهو تماشو ڪيتري عرصي کان ڏسجڻ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ان وقت تائين هلندي نظر اچي رهيو آهي ته حڪومتون پاڻ ايڪشن وٺڻ جي بجاءِ ڪورٽن کان سئو موٽو جا مطالبا ڪنديون رهن.

 هن وقت جيڪي انڪشاف سامهون آيا آهن اهو رڳو هي ناهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ن ليگ کي پڃري ۾ بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا يا حڪمتِ عمليون جوڙيون. گلگت بلتستان جي چيف جج راڻا صاحب جي انڪشاف کان پوءِ وري هڪ آڊيو ليڪ ٿي آهي ممڪن آهي ته ڪجھه ڏينهن ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿين. پاڻ هي باآساني سمجھي سگھون ٿا ته اقتداري دنيا جي طلسمي محل جي اندر اهي راز شروعات کان ئي ظاهر هئا يقينن راڻا صاحب حلفيه بيان ڏيڻ کان پهريان سرگوشيون پنهنجي دوستن سان ڪيون هونديون پر هي سڀ خاموشي سان وقت جو انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪهڙي وقت ڪهڙو انڪشاف ڪرڻو آهي.

هن وقت تائين ٿيندڙ انڪشافن ۾ انڊيڪيٽر اهو ٻڌائي رهيا آهن ته ن ليگ ۽ نواز شريف جي لاءِ هاڻي راھه هموار ڪرڻ جون حڪمتِ عمليون جڙن پيون، اهوئي سبب آهي جو مسلسل انڪشافن کان پوءِ به ن ليگ ڪا به مضبوط تحريڪ هلائڻ جي عمل کان تمام گھڻي پوئتي آهي.  چونڪه چنانچه، ٽال مٽول سڀ صرف هي ٿا ٻڌائين ته هو اهڙي تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ ناهن جنهن ۾ آر يا پار ٿئي. ڀلي مريم نواز جي دلي خواهش اها هجي يا ڪڏهن ڪڏهن نواز شريف جو ڪروڌ اهڙي ڌمڪي ڏئي ليڪن عملي ميدان ٻڌائي پيو ته هو اهڙي ٽڪراءَ جي حق ۾ ناهن. اهو واضح ۽ چٽو رويو ان وقت ئي نظر آيو هو جڏهن مولانا فضل الرحمٰن اسلام آباد لاءِ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو هو. ان وقت پي ڊي ايم ۾ پ پ پ به شامل هئي پر همدردي ۽ تقريرن کان وڌيڪ ن ليگ ۽ پ پ پ کان ڪا به کيس موٽ نه ملي ۽ اها ياترا پنهنجي سرد مهري جو شڪار ٿي واپس آئي.

هاڻي جا انڊيڪيٽر ڪجھه ٻيو ٻڌائي رهيا آهن لڳي ٿو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي مرڪز بڻائي باقي ڪردارن کي پردي پٺيان ئي رکيو ويندو ۽ هڪ نئين ڊيل شروع ٿيندي، جنهن ۾ غالب امڪان هي نظر اچي پيو ته نواز شريف جي واپسي ٿئي ۽ نواز شريف جي واپسيءَ کان پوءِ هڪ دفعو وري صورتحال تحريڪن ۽ مارچ کان هٽي اميدن ۽ آسرن جي دنيا ۾ داخل ٿي وڃي. هن وقت تائين پي ڊي ايم طرفان لانگ مارچ جي ڪا به سنجيدگي يا تحريڪي اڀار نظر نٿو اچي. توڙي جو هي سڀ تسليم پيا ڪن ته لانگ مارچ جيڪڏهن اسلام آباد جي طرف ٿيو ته يقينن اهو آخري لانگ مارچ هوندو ڇو ته هاڻي پي ڊي ايم اهڙو ذلتي طوق پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪڏهن به نٿي وجھي سگھي ته هو ڪمزور ڌرڻا لانگ مارچ ڪري ۽ بي نتيجا جدوجهد ڪري، جنهن کان پوءِاليڪشن جو حصو بڻجي، اها به اها اليڪشن جيڪا مشين جي رحم ڪرم تي ٿيندي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڀلي هاڻي هڪڙي ايجنڊا تي گڏ نظر اچي پر اڳتي هلي ڪري ترجيحات تبديل ٿيڻ جا امڪان واضح ۽ چٽا نظر اچي رهيا آهن.

هاڻي لڳي پيو ته هنن نون انڪشافن ۽ انڊيڪيٽرن کان پوءِ ٽڪراءَ جا وڏا فيصلا هڪ دفعو وري سرد مهري جو شڪار ٿي وڃن. ن ليگ جي شروعات کان وٺي اها ئي حڪمتِ عملي رهي آهي ته هو حڪومت جو اخلاقي ۽ سياسي مورال ڪمزور ڪري پنهنجي مظلوميت ۽ سياسي مورال کي انڪشافن ۽ سازشن جي انڊيڪيٽرن ۽ اظهارن سان طاقتور ڪري. هن وقت تائين اها حڪمتِ عملي ن ليگ جي ڪامياب ٿيندي نظر اچي پئي پر هاڻي خود ن ليگ جي لاءِ اهو وقت ويجھو پيو اچي جڏهن هن کي پنهنجو پورو قبلو چٽو صاف ۽ واضح ڪري قدم وڌائڻو آهي. بظاهر ان جا امڪان تمام گھٽ آهن ته لانگ مارچ فيصلا ڪن طريقي سان اڳتي وڌي، انهيءَ کان پهريان جيڪڏهن نواز شريف جي واپسي ٿي وئي ته سياست جو ميلو وري هڪ ٻيو منظر اڀاريندو ۽ پوءِ انهيءَ گھماگھمي ۽ چٽا ڀيٽيءَ ۾ وقت گذاريندي ن ليگ پوري ڪوشش ڪندي ته وڌ کان وڌ پنهنجا مطالبا اسٽيبلشمينٽ کان مڃرائي ۽ اسٽيبلشمينٽ به اها ڪوشش ڪندي ته ماحول کي ٿڌي ڪرڻ جي لاءِ ڪو عزت ڀريو ٺاھه ڪجي.

هاڻي جا انڊيڪيٽر اهو ٻڌائن پيا ته معاملو وري بيڪ ڊرو ڊپلوميسي جي طرف وڌي پيو ۽ هي به ٿي سگھي ٿو اڃان ڪجھه وڌيڪ انڪشاف ٿين. عاصمه جھانگير جي ياد  ۾ريفرنس ۾ چيف جسٽس ۽ ٻين ججن جو موقف، علي احمد ڪرد جي دبنگ تقرير، انهيءَ کان پوءِ سياسي اڳواڻن جي سيشن ۾ نواز شريف جي تقرير واضح ۽ چٽو هي بيانيو ورجايو ويو ته عدالتن پنهنجي داغدار ماضيءَ ۾ چونڊيل حڪومتن کي تمام گھڻو ڪمزور ڪيو آهي پر ڪٿي به اهو بحث نه ٿيو ته سياسي جماعتن جمهوريت جي عزت ، وقار ۽ استحڪام لاءِ ڪيترو سخت ٽڪراءُ ڪيو آهي؟ توڙي جو هي سڀ پرت اها حقيقت سمجھن ٿا ته

جيستائين سياسي جماعتون جمهوريت جي لاءِ پاسبانيءَ جو ڪردار ادا ڪندي قرباني نه ڏينديون ان وقت تائين جمهوريت پنهنجي پوري طاقت سان قائم رهي نٿي سگھي. هي الزام هي طعنا ۽ بليم ڪجھه ٻيو ئي ٻڌائين پيا ۽ اهو ٻيو ڪجھه مضبوط جمهوريت جي بجاءِ ماضيءَ جو اهو ورجاءُ ٿيندي نظر پيو اچي ته ڪجھه ڏيو ڪجھه وٺو ۽ پوءِ مٽي پائو.