داستان گل

0
265
گل جي گرفتاري کانپوءِ خاموش ٿيل “ انقلابي” عمران خان!

 پاڪستان ۽ سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو مختلف وقتن تي وڏن سرڪاري عهدن تي رهيا آهن، تن مان ڪجهه ماڻهن پنهنجيون يادگيريون يا آتم ڪٿائون لکيون آهن. انهن لکيل آتم ڪٿائن ۾ ڪن ماڻهن جون آتم ڪٿائون قابل ذڪر آهن، جڏهن ته گهڻن جون آتم ڪٿائون ڪنهن به ذڪر ۾ نه ٿيون اچن. ان سلسلي ۾ گل محمد عمراڻي جي آتم ڪٿا “داستان گل” گهڻين ڳالهين ۽ حوالن جي ڪري ڪي قدر مختلف آهي. هڪڙي پاسي ان ۾ ان دور جي حيدرآباد جي خوبصورتي جا نقش تمام سهڻي انداز سان چٽيل آهن، ان دور جا استاد ڪيڏا باصلاحيت هئا، جنون جي حد تائين فلمن کي ڏسڻ ۽ نون ڪتابن کي پڙهڻ، خريد ڪرڻ ۽ وري انهن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ.

جڏهن ته ٻئي پاسي ان ڪتاب ۾انگريزن جي دور کان وٺي سرڪٽ هائوس کي هلائڻ جي ذميواري اڄ به تپيدارن جي ڪلهي تي پيل آهي، يعني اهي عوام جي ٽئڪس يا ڍل وارن پئسن مان اهو خرچ برداشت ڪن ٿا. وري انهن تپيدارن جي مقرري جي پويان ڪنهن نه ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جو هٿ هوندو آهي. سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حوالي سان ڪن اهم ڳالهين ۽ رازن تان پردو کنيو ويو آهي. پر ان جو قطعي مطلب ناهي ته ان کان اڳ انهن ڳالهين يا عملن بابت ڪا به خبر يا حقيقت معلوم نه هئي. ايم ڪيو ايم آفيسرن کي قتل ڪرڻ يا انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي قسم جون ڌمڪيون ڏيندي هئي،

تنهن حوالي سان گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته، “… چيف منسٽر (علي محمد مهر) کي عرض ڪيم ته، ’آخوند صاحب (حميد آخوند) هڪ سينيئر آفيسر آهي ۽ وزير ثقافت (ايم ڪيو ايم جو شبير قائمخاني) مون سان ميرپورخاص کان وٺي ناراض آهي ۽ سندس سياسي پارٽي (ايم ڪيو ايم) مون کي هلڻ ڪانه ڏيندي ڇاڪاڻ ته 1997ع کان مان جڏهن ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ممتاز علي ڀٽي جي نگران حڪومت ۾ هئس ته هنن جي حيدرآباد واري زونل آفيس جي داداگيريءَ ۽ ڀتاگيريءَ سبب مون سندن مزاحمت ڪئي هئي. ان ڪري هنن مون کي آفيس ۾ اچي ڌمڪيون ڏنيون هيون… انهن مون کي اهو به چيو ته اسان کي خبر آهي ته تون ڪٿي رهندو آهين ۽ تنهنجا ٻار ڪهڙي رڪشا ۾ صبح جو قلعي کان گاڏي کاتي اسڪول ڏي ويندا آهن.” ص 228

ان سان گڏ ايم ڪيو ايم ڪيڏي وڏي ڪرپٽ هئي ۽ ٻيو اڳوڻو وزيراعليٰ ۽ گورنر سنڌ يوسف هارون ڪنهن جو ماڻهو هو؟ ان حوالي سان گل محمد عمراڻي صاحب لکي ٿو ته، “يوسف هارون (اڳوڻو گورنر ۽ وزيراعليٰ سنڌ) مون وٽ ڪلچر واري آفيس ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جو هڪ وڏو  Build, Own and Transfer جو منصوبو آندو….سندس ڪاروباري مفادات آمريڪي سرڪار سان ڳجها ۽ گهرا هئا. سندس آخري اصل گهر به  Langleyورجينيا آمريڪا ۾ هو، جتي سي آءِ اي (آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي) جي هيڊ آفيس آهي.

چون ٿا هن جو اثر رسوخ گهڻي حد تائين انهن ڳجهن ادارن تائين هوندو هو ۽ مشرف ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعلقات سڌارڻ جو ذمو به هن کنيو هو…قصو مختصر ڪندي ايئن چوندس ته هاڻي مرڪزي سرڪار جنرل مشرف جي طرفان پيغام رساني شروع ڪئي ۽ سندس ملٽري سيڪريٽري هڪ ٻه فون ڪري مون کي چيو ته اوهان کي هن سڄي منصوبي جي CM ۽ ڪابينا کان منظوري وٺي ڏيڻي آهي، اهو حڪم وڏي صاحب (جنرل مشرف) جو آهي. مطلب وڏو صدر صاحب به On board هو. مون يوسف هارون کي چيو ته توهان اسان جي راندين واري وزير سان ملو، ڇاڪاڻ ته هو هن منصوبي بابت دلچسپي رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته اصل مالڪ سامهون اچن…ٻئي ڏينهن يوسف هارون مايوس چهري سان آفيس ۾ آيو ۽ چيائين ته “سالي بڙي رقم ڊمانڊ ڪري رهي هين، لندن والي پير ڪي لئي”….اصل رقم ته ڪانه ٻڌايائين پر چيائين ته ’هاڻي مسئلو اسلام آباد وارو صاحب حل ڪندو‘…ٿوري دير کان پوءِ وري ملٽري سيڪريٽريءَ جو فون آيو ته ’صاحب پروگريس مانگتا هي‘…مون يڪدم ايڊيشنل سيڪريٽري بروهي صاحب کي فون ڪيو ته ’ مون کيCM  صاحب سان ملڻ جو ٽائيم وٺي ڏيو،

ڇاڪاڻ ته هڪ وڏي ايمرجنسي ٿي پئي آهي‘…پوري هڪ وڳي پهتس ته ڏٺم علي محمد مهر بيٺي پيٽس کاڌو ۽ ٽشو پيپر سان هٿ اُگهي مسڪرائي رهيو هو. چيائين ته ’اوهان جي پوزيشن تمام نازڪ آهي. هڪ طرف متحده جو راندين وارو وزير، لنڊن هيڊ آفيس جو چندو، اسلام آباد وارن جو شوق ۽ وري هي يوسف هارون جو دٻاءُ تهSummary  ٺاهيو، جنهن تي وزير صاحب جي صحي ٿيڻي آهي ۽ ان تي هو راضي ڪونهي….B.O.T منصوبو دراصل هڪ خطرناڪ پروجيڪٽ آهي…جيڪو اربين ڊالرن جو آهي.” ص 231،230،229.

ايم ڪيو ايم ڪهڙي طرح سنڌين کي قتل ڪري انهن جي لاشن کي ٻورين ۾ بند ڪري موڪليندي هئي، ان جي اهڙي شهرت جا چرچا ڪيستائين مشهور هئا، تنهن حوالي سان گل محمد عمراڻي اڳوڻي پير پاڳاري صاحب سان ڪچهري ڪندي بيان ڪري ٿو ته، “پير صاحب پاڳاري مون کي هڪدم پنهنجي بذله سنجيءَ (ظرافت) سان جواب ڏنو ته، ”امير علي ٺڳ جا پويان اڄڪلهه اسان سنڌين کي ’ڳچي ۾ رومال‘ وجهي مارڻ بدران ’ٻورين ۾ بند‘ ڪري پيا مارين، ڪيئن آهي سچ؟” ص 113. شايد اتي عمراڻي صاحب اهو به لکي ها ته جڏهن سنڌي ايئن ڪُٺا پئي ويا تڏهن پير صاحب جي مريدن کي ڪراچي، ميرپورخاص، حيدرآباد ۾ سنڌي ٽوپي پائي اچڻ جي منع ٿيل هئي،.ٻي ڳالهه ته خود پير صاحب جي پارٽي فنڪشنل ليگ “سنڌين کي ٻورين ۾ بند ڪري پيا مارين” واري پارٽي سان هر وقت اقتدار ۾ گڏ ويٺي رهي، غوث علي شاهه جي پهرين وزارت اعليٰ کان ڄام صادق ۽ پوءِ مشرف جي دور ۾ پهرين علي محمد مهر ۽ آخر ۾ ارباب رحيم جي وزارت اعليٰ تائين پير صاحب جي پارٽي سنڌين جي قاتل ٽولي سان گڏ ويٺي رهي.

ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي سبب سنڌي ماڻهن حيدرآباد شهر مان ڪيئن لڏي اچي قاسم آباد کي آباد ڪيو؟ تنهن حوالي سان هُو لکي ٿو ته، “اوچتو فساد برپا ٿي ويا، جنهن جو مرڪز ۽ محور پڪو قلعو هو، ڇاڪاڻ ته دهشتگرد تنطيم جي هيڊ آفيس اتي هئي. پراڻا حيدرآبادي سنڌي قلعي کان هيرآباد تائين ميرن جي وقت کان پرسڪون زندگي بسر ڪندا هئا ۽ اٽڪل 30 کن پاڙا شاهي بازار جي ٻنهي طرف هئا، جتان زوري زبردستي لڏ پلاڻ ڪرائي وئي.” ص 197. وڌيڪ لکي ٿو ته، “اِهو حال آهي حيدرآباد جي اصلوڪن سنڌي پاڙن ۽ وستين جو، جيڪي 1990ع جي فسادن کان پوءِ متاثر ٿيون، جن تي اسان جي شاعر امداد حسينيءَ ’شهرِ آشوب‘ لکيو ۽ غلام نبي مغل هڪ ڌوڏيندڙ ناول ’اوڙاهه‘ لکي اسان کي پنهنجي بيوسي، غريب الوطني ۽ اصل ۾ مالڪ هوندي به ’غلامي‘ جو احساس ڏياريو…’قاسم آباد‘ به سنڌين جي هڪ وڏي ’مهاجر ڪئمپ‘ آهي، جنهن جو ثاني ۽ وڏو ڀاءُ ممبئي جو ’الهاس نگر‘ ۽ راجسٿان جو ’اجمير شريف‘ آهي” ص 56، 57

طبقاتي نظام جا ظلم مظلوم عوام ته صدين کان پيو ڀوڳي پر خود هن ملڪ ۾ جيڪو آفيسرن جي سطح تي طبقاتي نظام جوڙيو ويو آهي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪهڙي طرح طبقاتي فرق کي برقرار رکيو ٿو وڃي، تنهن حوالي سان عمراڻي صاحب هن طرح لکي ٿو،“…رسول بخش صاحب (جيڪو عمراڻي صاحب جو سنڌ يونيورسٽي واري وقت کان وٺي دوست هو) اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ ٺيٺ ڪامورو ۽ صاحب لوڪ ٿي ويو ۽ فقط چند خاص دوستن سان وڃي سلام دُعا رکي، جن ۾ هيءُ ناچيز شامل ڪونهي. سبب ظاهر آهي، اسان وٽ P.C.S ۽ DMG آفيسرن ۾ وڏا ويڇا ۽ فرق رکيا وڃن ٿا.” ص 49

آفيسر طبقو جيڪو بظاهر پاڻ کي وڏو طاقتور سمجهندو آهي ۽ هن وٽ رياست جا تمام گهڻا اختيار هوندا آهن، پر پوءِ به هُو ڪنهن نه ڪنهن سياستدان جي ڪمداري ڪرڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهندو آهي، تنهن حوالي سان گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته،“مون پير صاحب (اڳوڻو پير پاڳارو) کي عرض ڪيو ته اسان واري نوڪر شاهي جي چيلهه به بعد ۾ عوامي اقتدار جي وقت ’آئيني ضمانتن جي خاتمي‘ کان پوءِ ڀڄي پئي آهي ۽ هاڻي ته هر ڪامورو ڄڻ ’سياسي پناهگير‘ آهي، يعني هن کي پنهنجي جياپي لاءِ ڪنهن سياستدان جو ڇٽ کپي، ۽ ٻيو اڪثريت ڪامورن جي ميرٽ تي ڀرتي ٿيل ڪانهي ۽ هو ڪنهن سياستدان جي سفارش تي اچن ٿا.” ص 113

عمراڻي صاحب 32 سال مختلف جڳهين تي اهم عهدن تي رهيو ۽ بقول هن جي رياست کي ڪهڙي قسم جا آفيسر گهرجن ۽ انهن جي “ذهن سازي” جي لاءِ رياست ڪهڙيون ڪوششون وٺندي آهي، تنهن حوالي سان پاڻ لکي ٿو ته، “پشاور ۾P.C.S اڪيڊميءَ ۾ اسان کي پاڪستان اسٽڊيز بابت هڪ پيرڊ هفتي ۾ 3 دفعا اٽينڊ ڪرڻو پوندو هو، مطلب ته ذهني استري ڪرائڻي پوندي هئي، جيئن وفادار ڪامورا ٿي، پنهنجي رياست جا مضبوط ٿنڀا بڻجون، هاڻي ان مفهوم جو انگريزي ۾ صحيح مطلب indoctrination آهي. اوهين اهو سمجهو ته ذهن جي سرڪاري خاني ۾ خاص طرح سان بنيادي رياستي متا ويهاري جلاب واري صفا ڪرايو ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري ڪريو.” ص 138.

(حصو پهريون)