سنڌو تو ۾ ساھه اسان جو

0
189
سنڌو تو ۾ ساھه اسان جو

ڌرتي توڙي ان جي دريائن ڍنڍن لباس ٻولي ۾ يقينن سڀني جو ساھه ھوندو. سڀ چاھيندا منهنجي ديس جا رنگ ڍنگ دنگ سڀ سلامت ھجن. دور بدلجڻ سان گھڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي.  اصلوڪي سنڌ ۾ ۽ هاڻو ڪي سنڌ  ۾ زمين آسمان جو فرق آ، ان زماني ۾ ايڪتا جا اصل رنگ صاف نظر ايندا هئا هن ئي سنڌ مان ھر گهڙي محبتن جي مهڪ پري تائين ايندي هئي سنڌ جا ماڻھو مٿو اگهاڙو ڪري هلڻ کي عيب سجهندا هئا هميشه سنڌي ٽوپي پٽڪي اجرڪ کي مان ملندو هو، ايتري قدر جو ماڻھو پٽڪي ٽوپي جي ڪري خون به معاف ڪري ڇڏيندا هئا. اوطاقن ۾ ڪچهريون هونديون هيون ماڻھو پرائي ڪاڄ کي پنهنجو سمجهي پيا خوش ٿيندا هئا، ڪٿي ڪو موت ٿيندو هو ڪيترائي ڏينهن ماڻھو ان جي پٿر تي ويهي پيا ڏک ونڊيندا هئا ۽ ان دؤر ۾ ڪنهن جو فصل لهندو هو ته فقير فقرا اميدون رکي ايندا هئا ۽ زميندار  انهن مسڪين ماڻھن جي ڀرپور سار لهندا هئا.

شادين ۾ مولود گهرن اندر عورتون ڳيچ چونديون هيون،  هاري اسر ويل ڍڳا کولي ٻنين ۾ پيا هر ڪاهيندا هئا  ۽ پري تائين ڍڳن جا ڦونگارا هاري جون هڪلون پيون ٻڌبيون هيون. اسر ويل ڀاڳيا مال ڏھندا ھئا، ولوڙن جا آواز صبح ويل پري تائين پيا ٻڌبا ھئا. کير وڪڻڻ کي عيب سمجھيو ويندو ھو، ھر گھر ۾ مکڻ گيھه لسي عام ھوندي ھئي. ڊالڊا کائڻ واري تي اچرج ٿيندو ھو ماڻهو ڊالڊا واري گھر مان ڪابه  شئي اڌاري به  نه  وٺندا ھئا. سچ جي اھميت ھئي جھار ھڪلڻ لاءِ کانڀاڻيون  ٽانٽ گلولي ۽ ٻيا ھٿيار ھوندا ھئا. ڍڳي گاڏي ٽانگو عام سواريون ھيون نه  دونھون ھوندو ھو نه  تيل وڌڻ  جو ڊپ ھوندو ھو، ان زماني ۾ عورتن جي سگھڙائپ به واھه جي ھئي، رلين جون ڪيتريون ئي ڊزائنون ٺاھڻ ، ڀرت جا نمونا، سڳيون، شادي لاءِ گھوٽن جا موڙ گھڙيون ڳانا ڪنوار لاءِ اکيو ۽ ٻيون شيون ٺاھبيون ھيون. ان زماني ۾ سڀ ڪنهن جو ڪم ورھايل ھوندو ھو. ڪنڀار جي ذمي برتن ھوندا ھئا.

مٽي جي ٿانون جو دور ھو، شادي لاءِ مٽي جا تڀاڪ ،گلاس ،ڪوپ ڪنا، تس ناديون دلا وٽيون ڏيئا وغيره ھوندا ھئا جيڪي شادي واري گھر ۾ پھچائيندو ھو حجام جي ذمي ڳوٺن ۾ دعوتون پھچائڻ گھوٽ کي سينگارڻ ان جي سار سنڀال لھڻ ھوندو ھو. مڱڻھار راڳ رنگ پيا ڪندا ھئا، گھوٽ جي شان،  ان ماڻھن کي آھتيا چئبو ھو. ھو ان ٿانون جو معاوضو ڪونه  وٺنداھئا. ھو آھتين کي ماڻهو فصل لھڻ وقت ياد رکندا ھئا انھن کي سال جو اناج وغيره ڏئي ڇڏيندا ھئا ۽ ھو ان ۾ خوش ھوندا ھئا.  ان زماني ۾ سنڌو جو پاڻي شفاف ھوندو ھو، ان ۾ ڪارخانن جو خارج گند پاڻي ۾ نه ھوندو ھو. صاف شفاف  پاڻي سنڌ جي پيچ ھوند سنڌي وونئڻ، ان جي ڪپھه کي ڪتڻ واريون ڪتينديون ھيون جنهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو.

نه سي وَؤنئڻَ وَڻَنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون؛

پَسِيو بازارِيُون، هِينئَڙو مون لُوڻُ ٿِئي

اڄ نه  اھي وونئڻ آھن نه ارٽ نه  وري ڪاتاريون آھن    ۽ پوءِ آھستي آهستي ماڻھو مٽجڻ لڳا، ريتون بدلجڻ لڳيون. ترقي جو زمانو آيو سنڌي ٽوپي اجرڪ تي چٿرون ٿيڻ لڳيون ماڻهو  پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ لڳا، جيڪو اڄ سامهون آھي. دوستو هي تمام وسيع موضوع آھي پر هتي مختصر لکيو اٿم لکڻ جو مقصد ته وري به  علي قاضي صاحب کي سلام جنهن  سال ۾ هڪ ڀيرو ئي  ايڪتا ڏانهن ملهائي  پنهنجي ثقافت کي وري به زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” ثقافتي رنگ نکيرڻ ۾ اڳڀرا آهن پر دوستو اهاايڪتا سدائين هجڻ گهرجي. هي سنڌ امن ۽ محبتن جو مرڪز رهي آھي ۽ تاقيامت رهندي.  قاضي صاحب جو سنڌ واسين کي سال ۾ هڪ ڀيرو وارو سڏ سدائين ۾ بدلجي ويندو،  اسان ۾ اصلوڪا ڪلچر جا رنگ  موٽي ايندا. سدائين ايڪتا اچي ويندي امن ڀائيچارو تا قيامت رھندو.  اسان ۽ اسان جا ايندڙ نسل سدائين سنڌ کي خوشحال ڏسندو.  سدائين سنڌو جون موجون سلامت ھونديون جنهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو

 سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.