تهران(م ڊ) ايران دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب ساڻس سفارتي ڳالهين جي بحالي چاهي ٿو. رپورٽ موجب سعودي  عرب ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 2016 کان ڪٽيل آهن جڏهن ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2023 تحت تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ لاڳاپن جي بحالي لاءِ بيڪ ڊور ڳالهين جا پنج دور ٿي چڪا آهن. ٻنهي ملڪن طرفان سفارتي لاڳاپن جي بحالي کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو ويو هو ۽ تازو عراقي وزيراعظم تهران ۾ پنهنجي هم منصب سان ملاقات جي موقعي تي سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي به زور ڏنو. ان بعد ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سعيد خطيب زاده دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب اسان سان سفارتي ڳالهين جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ اسان آجيان چونداسين.