ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وڌيڪ 2 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 382 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد  شرح وڌي 2.85 سيڪڙو ٿي وئي، 87 مريضن جي حالت نازڪ ٿيڻ ڪري کين آءِ سي يو ۾منتقل ڪيو ويو، گذريل ڏينهن 13412 ٽيسٽون ڪيون ويون، سنڌ صوبي ۾شرح  6.17، ڪراچي ۾ 22.65 ، حيدرآباد ۾ 0.32 ۽ اسلام آباد ۾ 2.31 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف اين سي او سي ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کانپوءِ گهرو اڏامن، ريلوي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو،ٻئي طرف پ پ اڳواڻ ۽ پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو، رابطي تي خورشيد شاهه ٻڌايو ته بخار ۽ کنگهه ٿيڻ تي هن ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي، جيڪا هاڪاري آئي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي هدايتن تي مون پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.