جوھي (رپورٽ:ايم بي ٻٻر)  ڪاڇي جي تاريخ ۾ سردارن خلاف اليڪشن وڙھڻ سزا بڻجي ويو، شاهاڻي برادري جي  سردار خلاف اليڪشن ۾ چيئرمين جي سيٽ تي فارم ڀرائيندڙ عورت اميدوار عظيمان شاهاڻي جو  وائيس چيئرمين جو اميدوار مبينا اغوا ٿي ويو.  آر او وري اميدوار جي غيرموجودگي ۾  عظيمان شاهاڻي جو فارم ئي رد ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ يوسي شاهه حسن تي چيئرمين پير محمد شاهاڻي سامهون چيئرمين جي سيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ عورت اميدوار عظيمان شاهاڻي جي وائيس چيئرمين جي اميدوار رسول بخش شاهاڻي کي مبينا طور اغوا ڪري گم ڪيو  ويو آهي. جنهن جي غيرموجودگي ۾ آر او عظيمان جو فارم رد ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ عورت اميدوار  عظيمان زال خالد شاھاڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام هڻندي چيو ته  ڪاڇي ۾ ماڻھن جي حقن لاء اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي سردارن ڀوتارن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، سردارن پاران موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.  ھن چيو ته ٽي ڏينھن ٿي ويا آھن اسان  گھر ڀاتي سڪون جي ننڊ ناھيون ڪري سگھيا.  عورت اميدوار مسمات عظيمان شاھاڻي چيو ته منهنجي وائيس چيئرمين جي اميدوار کي برادري جي سردارن اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اليڪشن عملو حڪومتي ڌر جي سردارن ڀوتارن جو  ساٿاري بڻجي منھنجو فارم رد ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن به شهيد محترمه بينظير ڀٽو به هڪ عورت هئي، جنهن عورتن جي حقن لاءِ آواز  اٿاريو ۽ کين حق ڏياريا پر افسوس جو سندس شهادت بعد پارٽي ۾ آيل آمرن جي حمايتي سردارن هڪ مظلوم عورت پاران اليڪشن ۾ بيهڻ سبب ڏمرجي پيا آهن. ھن چيو ته منهنجي فارم رد ڪرڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي نوجوان اميدوار سراج شاهاڻي جو به فارم ڀوتارن رد ڪرائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته  برادري جي سردارن پاران مون کي ۽ منھنجي گھروارن کي جاني ۽ مالي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن چيو ته سردارن کان منهنجي مڙس، ٻارن ۽ منهنجي زندگي کي خطرو آھي. انساني حقن جون تنظيمون نوٽيس وٺي منهنجو فارم بحال ڪرائي تحفظ فراهم ڪن. ياد رهي ته يوسي شاهه حسن تي پ پ پاران چيئرمين جي اميدوارپير محمد شاهاڻي جو ڀاءُ بولا خان شاهاڻي ضلعي ڪائونسل جو اميدوار آهي.