سرحد: دوستي نه رکڻ تان لاڏائو قبيلي جي عورت جو مڙس گرفتار

0
280

سرحد(ن پ ا) گهوٽڪي پوليس جي اهلڪارن جو عجيب ڪارنامون دوستي نه رکڻ تان لاڏائو قبيلي جي عورت جو مڙس گرفتار، لاڏئو قبيلي سان تعلق رکندڙ مائي شانه جو پوليس اهلڪارن خلاف احتجاج عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي، مائي شانه جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي پوليس جا اهلڪار، رفيق مهر، غلام قادر ملڪ ۽ رشيد شيخ ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪندا آھن، جوابدارن سان دوستي نه رکڻ ۽ انهن جي فرمائش نه مڃڻ تي منهنجي مڙس شان لاشاري کي ڊيوٽي اٽڪاءُ جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آھي، مائي شانه جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل جوابدار ناجزلاڳاپن لاءِ هاڻي به تنگ ڪري رهيا آھن، جهوپڙين ۾ رهي پني پيٽ پاليندا آھيون، پوليس اهلڪارن ۽ بااثرن جي ظلمن کان بچايو وڃي، متاثر عورت پاران پوليس اهلڪارن ۽ بااثر خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن به داخل ڪئي وئي، اعلى عدليه، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي مڙس کي ناحق قيد مان آزاد ڪرائين.