ڪراچي (شوبز نيوز) ادڪارا سجل علي ۽ سندس مڙس احد رضا مير جي ويب سيريز ڌوپ ڪي ديوار جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب جوڙي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي ويب سيريز ڌوپ ڪي ديوار جو ٽريلر جاري ڪيو، 2 منٽ 45 سيڪنڊن جي ان ٽريلر ۾ ڀارت پاران ايل او سي تي ڪيل ڀڃڪڙين جي منظرڪشي ٿيل آهي. واضح رهي ته اها ويب سيريز هلندڙ مهيني جي 25 تاريخ تي ڀارتي اسٽريمنگ پليٽ فارم زي فائيو تي رليز ڪئي ويندي. سيريز ۾ سجل علي هڪ پاڪستاني فوجي جي ڌيءُ سارا جو ڪردار نڀائيو آهي. جڏهن ته احد رضا پنهنجي ملڪ ۽ فوج جو دفاع ڪري ٿو.