بدين (رپورٽر) بدين ۾ ملاح برادري جي ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، معصوم ٻار سميت 3 ڄڻا کنڀي گم ڪرڻ جو الزام، ان ڏس ۾  يعقوب ملاح، اسماعيل ملاح سليمان ملاح  مسمات نسيماملاح مسمات سڪينا ملاح پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  10 ڏينهن اڳ   سجاول پوليس ۽ ايس ايچ او گولاڙچي اسان جي ناٺي سليم ملاح جي گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ ڀڃ ڊاھ بعد اسان جي ناٺي سليم ملاح،  سندس گهر واري حليمه ۽ کير پياڪ ڏيڍ سال جو معصوم ٻارڙو کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جو ڪوبه ڏس پتو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي کنڀيل آزاد ڪرايا وڃن.