ڀٽ شاهه (ن پ ا) جرمني جو سفير مسٽر جرنانس پنهنجي وفد سميت ڀٽ شاھ پهچي ويو، وفد ۾ مسٽر ويگنر ۽ مسز جولي شامل هئا،  جن حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي حاضري ڀري،  ان موقعي تي ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر شير محمد مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر رحمت الله راڄڙ ۽ غلام مجتبيٰ جوکيو ، اوقاف کاتي جو اسسٽنٽ مئنيجر عبدالستار سولنگي ۽ٻيا به گڏ موجود هئا، جرمني جي سفير مسٽر جرناس ۽ ٻين ڀٽائي جي مزار تي حاضري بعد شاھ جو راڳ به ٻڌو ۽ درگاھ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو اوقاف ۽ ثقافت کاتي جي عملدارن پاران درگاهه ۽ شاهه جي راڳ بابت بريفنگ ڏني وئي، جرمني جي سفير جي آمد دوران درگاھ ڀٽائي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.