ميرپور ساڪرو(ن پ ا)گرلس پرائمري اسڪول عبدالغني گبول جي ماسترياڻي غير حاضر هجڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو. هنن چيو ته  آفرسرن جي ملي ڀڳت سان استاد اسڪول نٿا اچن جنهن جي ڪري تعليم تباه ٿي رهي آهي. ڳوٺاڻن اختر گبول شوڪت گبول عالم شير بلوچ افضل لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته تعليم تباهه ٿي رهي آهي ڪير پڇڻ لاءِ تيار ناهي گرلس اسڪول عبدالغني گبول ڪيتري عرصي کان بند ھو جڏهن تازو پاس ٿي آيل آئي بي اي پاس ماسترياڻي آئي ته اسان کي يقين ٿيو ته ھاڻي نياڻيون پڙھنديون پر افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته گرلس آفيسر پئيسا وٺي ماسترياڻين کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ته اسڪول نه پڙھائين. ھنن ڊي سي ٺٽو ڊي اي او ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي اسڪول کولرائي ۽ اسان جي نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي.