سجاول جوڻيجو  (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ سر شاھنواز ڀٽو جو گرلز اسڪول 20 سال کان بند ھئڻ خلاف  ش ڀ اڳواڻ ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، اطھر گوپانگ، ڳوٺاڻن عبدالستار ٻگھيو، ميانداد لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پ پ جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي والد جي نالي سان منصوب سر شاھنواز ڀٽو اسڪول بند پيل آهي.هنن چيو ته فاطما ڀٽو ۽ جونئير ذوالفقار اسڪول بند هئڻ تي افسوس جواظھار ڪيو هو. شهيد ڀٽو اڳواڻن گهر ڪئي ته اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائي کوليو وڃي.