سانگهڙ (رپورٽر) سانگھڙ ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار، 7 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، خبر موجب شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ 4 عورتن ۽ ٻن ٻارڙن سميت ستن ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ پيرسن عورت محبه رند، زبيده خاصخيلي، امينه شر، شهباز، ذيشان ۽ جادو شامل آھن، زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو جتي کين ويڪسين ڏني وئي،