ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي برسات متاثر علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا تي ضابطو نه آيو، مختلف هنڌن تي 16 ٻارڙن سوڌو 23 ڄڻا فوت، 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 3521 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف، خبر موجب صالح پٽ لڳ ڳوٺ شھباز ڏنو کورکاڻي ۾ 7 سالن جي فردوس کورکاڻي ۽  22 ورهين جي رفيقان فوت ٿي ويون، ڳوٺ گھرام خان چاڪراڻيءَ ۾ ستن سالن جو حيدر علي چاڪراڻي پڻ دم ڏنو، جروار ويجهو ڳوٺ مير خان گبول ۾ مليريا سبب 8 ورهين جي نگهت گبول فوت ٿي وئي، شهر جي بوزدار محلي واسي نوجوان اسرار بوزدار مليريا وگهي رحيم يار خان اسپتال ۾ دم ڏنو، مٺياڻي ويجهو ڳوٺ سهڙا ۾ گيسٽرو وگهي ڏيڍ سال جي ماجدا ڪوريجو فوت ٿي وئي، احمدپور لڳ ڳوٺ ڀلي ڏنو ميتلو ۾ مختلف بيمارين وگهي 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 7 مهينن جي نائلا ميتلو، 20 ڏينهن جو ڄاول علي ۽ سومر ميتلي جو معصوم پٽ شامل آهن، اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ غلام قادر شر واسي نذير احمد شر جي نياڻي عليشا گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ڏوڪري جي ڳوٺ راوت کيڙو واسي الطاف کيڙو جو پٽ نور نبي گيسٽرو وگهي دم ڏنو، ٺل جي ڳوٺ صاحبڏنو سومرو ۾ گيسٽرو وگهي 2 ورهين جي رضوانه سومرو حياتي وڃائي ويٺي، ڳڙهي خيرو جي محمد حيات کنڊ اسڪول ۾ ترسيل برسات متاثر گلبھار عمراڻي جي ٽن ورھين جي نياڻي افسانا ۽ شھدادڪوٽ روڊ تي ويٺل ڳوٺ در محمد جمالي واسي امداد جمالي جو ٻن ورھين جو پٽ مير محمد مليريا وگهي فوت ٿي ويا، لاش پاڻي مان گذاري قبرستان تائين پھچايو ويو، جيڪب آباد جي ڳوٺ حضور بخش مغيري ۾ ٻن ورهين جي ماهه نور مغيري گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، دوداپور ڀرسان ڳوٺ گُل خان لهر ۾ گيسٽرو ۽ تيز بخار سبب پيرسن علڻ لُهر فوت ٿي ويو، سجاول جوڻيجو جي ڳوٺ بخشو ساريو ۾ 6 مھينن جي ردا بتول ساريو گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ محمد خان کوسو ۾ 8 سالن جو امجد علي کوسو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، ڦلجي اسٽيشن ۾ رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر 55 سالا مزن چانڊيو علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، سندس پٽ امين چانڊيو روئيندي ٻڌايو ته پئسا نه هئڻ ڪري والد جو علاج ڪرائي نه سگهياسين، ميھڙ ڀرسان ڪاڇي جي علائقي ۾ ميرپور واسي 35 ورھين جو علي نواز چانڊيو گيسٽرو ۽ بک وگهي فوت ٿي ويو، فريدآباد جو رھواسي 18 ورھين جو مرتضيٰ شاهه بيماري سبب فوت ٿي ويو، ڳوٺ مٿين عاليوال واسي ٻوڏ متاثر احمد علي چانڊيو جي معصوم نياڻي ڪلثوم چانڊيو گيسٽرو سبب ميھڙ جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، ميھڙ جي حاجن شاھ قبرستان ڀرسان روڊ تي ويٺل ڳوٺ صادق ماڇي جو رهواسي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻو 50 ورھين جو مولاداد سولنگي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، وارثن وٽ ڪفن دفن جا پئسا نه ھجڻ ڪري چندو ڪيو ويو، ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ کبڙ خان سولنگي ۾ 11 سالن جو وقار سولنگي گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 3521 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليريا ڪنٽرول پروگرام جي اختيارين پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 18، حيدرآباد ۾ 103، ڄامشوري ۾ 144، ٽنڊي الهيار ۾ 87، مٽياري ۾ 25، ٽنڊي محمد خان ۾ 108، دادو ۾ 165، ٺٽي ۾ 322، سجاول ۾ 253، بدين ۾136، سکر ۾ 269، خيرپور ۾55، گھوٽڪي ۾ 15، لاڙڪاڻي ۾ 649، شڪارپور ۾ 169، جيڪب آباد ۾ 27، ڪشمور ۾ 34، قمبر ۾ 142، ميرپورخاص ۾ 271، عمرڪوٽ ۾ 306، ٿرپارڪر ۾ 117، شهيدبينظيرآباد ۾ 29، سانگھڙ ۾ 7 ۽  نوشهري فيروز ۾ 70  ڪيسن جي تصديق ٿي آهي،