سانگهڙ ۾ پولنگون تبديل، جي ڊي اي کي اعتراض، ڌانڌلي جي شروعات ٿي وئي: اڳواڻ

0
290
Khipro Election
کپري ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ميدان تي لٿل

کپرو (ن پ ا) کپرو ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادين بلدياتي چونڊن ۾ آر او ۽ ڊي آر او جي مقرري تي اعتراض واري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري ڏورانهن علائقن ۾ رکيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ڊي اي اڳواڻن خدا بخش درس، يوسف قائمخاني ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن امان الله درس، اسلم جٽ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ مقرر رٽرننگ ۽ ڊپٽي رٽرننگ آفيسر پ پ جي ونگار وهي رهيا آهن، جن 2018ع واريون پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري اصل يوسيز بدران ڏورانهن علائقن ۾ رکيون آهن جيڪا ڌانڌلي جي شروعات آهي

 هنن چيو ته اهڙي عمل سان ووٽرن کي سخت گرميءَ ۾ پولنگ اسٽيشن تي پهچڻ ۾ سخت تڪليف ٿيندي

هنن چيو ته مخالف اسان جي ووٽرن کي پولنگ تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽون وجهندا ۽ مختلف طريقن سان هراسان ڪندا

 هنن مطالبو ڪيو ته پولنگ اسٽيشنز جي غيرقانوني ھيرڦير جو نوٽيس وٺي چونڊن واري ڏينهن رينجرز مقرر ڪئي وڃي