رپئي جو ملھھ ڪري پيو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربين رپيا ٻڏي ويا، ڊالر وري مھانگو

0
259
Dollar
اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڊالر

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران شديد مندي جو رجحان جاري آھي، جڏھن تھ امريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو جاري آھي

ڪاروباري ھفتي جي شروعاتي ڏينھن ئي شديد مندي ڏسڻ ۾ آئي، جڏھن تھ ڊالر انٽربينڪ ۾ وڌيڪ ھڪ رپيو 47 پئسا مھانگو ٿيڻ بعد 194 رپين جو ٿي ويو آھي

گذريل ڏينھن ھڪ بيان ۾ ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ھو تھ حڪومت وٽ ڪا معاشي پاليسي ناھي، مفتاح اسماعيل ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪري رھيو آھي