سامارو (رپورٽ: جئپال مالهي) سامارو لڳ 8 مهينا اڳ پرڻيل ناري پراسرار نموني فوت، گهر مان لاش هٿ، وارثن جو ساھرن تي زبردستي زهر پياري مارڻ جو الزام، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب صالح ڀنڀرو ڀرسان يوسي آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺ غلام عباس ڀرڳڙي ۾ 22 سالن جي پرڻيل ناري مھرالنساءِ زال رضا محمد اوٺو جو گھر مان لاش هٿ ڪيو ويو، ناري جي مائٽن حد جي صالح ڀنڀرو پوليس ۽ سامارو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، جنھن بعد سامارو پوليس پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي سامارو اسپتال آندو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري جي پيءُ محمد علي عرف مانجھي اوٺو دانھيندي چيو ته سندس ڌيءُ کي ساھرن زبردستي  زھريلي جيت مار دوا پياري قتل ڪيو آھي، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،