لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ مور خان عمراڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي 17 ورهين جي ڀائيٽي پريسه ڌيءَ محمد علي عمراڻي کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ناري فوت ٿي وئي،وارثن غفلت جو الزام مڙهيندي ڊاڪٽرن ۽ عملي سان منهن ماري ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، ڇڪتاڻ سبب مريضن توڙي سندن وارثن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ مڇريل ماڻهن ايم ايل او ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو کي مبينا تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو، جنهن کي عملي ڇڏائي سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو، پوليس پهچي ٻن ڄڻن کي گرفتار لاڪپ ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي خلاف پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي پنهنجي وارثن ۽ پارٽي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن سان گڏجي ڀائيٽي جو لاش کڻائي وي آءِ پي روڊ تي رکي واقعي خلاف احتجاجي ڌرڻو هنيو،مڇريل ماڻهن چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ جي آفيس جي مُک گيٽ کي ٽوڙي اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران اتي موجود ڊاڪٽر ۽ عملو خوف وچان لڪي پنهنجي جان بچائي ، بعد ۾ مڇريل ماڻهن ريلي جي صورت ۾ ايس ايس پي چوڪ وٽ ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽي پريسه کي ڳوٺ ۾ نانگ ڪکي وڌو جنهن کي اسان رات پوڻين چئين وڳي شعبه حادثات کڻي آياسين جتي ڊاڪٽرن صحيح علاج نه ڪيو ۽ ڪلاڪ بعد سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ان تي اسان مريضه کي علاج فراهم ڪرڻ جو چيو ان تي ڊاڪٽرن اسان جي ماڻهن کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو انڪار تي هن پوليس گهرائي اسان جي هڪ همراهه کي گرفتار ڪرائي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ صبح ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غفلت سبب پوڻين نائين وڳي منهنجي ڀائيٽي پريسه اسپتال ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تونيو، ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو سميت عملي مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت پوري ضلعي ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي ڌرڻا هنيا ويندا.