نوابشاهه (بيورو رپورٽ) شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري نوابشاهه جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برسات متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا معلوم ڪيا، آصفه ڀٽو زرداري دوري دوران ڪيترن ئي متاثر عورتن کي امدادي سامان پڻ ڏنو، آصفه ڀٽو زرداري مفت ميڊيڪل ڪيمپن ۾ به وئي جتي هن عملي کان علاج جي سهولتن بابت معلومات ورتي، ان موقعي تي ضياءُ الحسن النجار ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا،