لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي مرڪزي سينيئر نائب صدر بابو سرور سيال لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سازشي عنصرن جي ڪري چوڌري ڀائرن ۾ سياسي اختلاف پيدا ڪيا آهن،  2024ع تائين چوڌري شجاعت پارٽي جو سربراهه آهي، سينيٽر ڪامل علي آغا جيڪو ڪائونسلر به بڻجي نه ٿو سگهي، ان کي چوڌري شجاعت سينيٽر بڻايو، هن چيو ته اجلاس ۾ وجاهت حسين کي پارٽي جو مرڪزي صدر، ڪامل علي آغا کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ پرويز الاهي کي ق ليگ پنجاب جو صدر بڻايو ويو، جيڪي غيرقانوني ۽ غيرآئيني طور چونڊجي آيا آهن.