ھالا (ن پ ا) ھالا ۾  بدامني خلاف واپاري تنظيمن جي اڳواڻن پاران ڪاشف ميمڻ، عبدالرشيد ڏيٿو، اسلم ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مطاهرين دانهيندي چيو ته  پوليس شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي. ڏوھاري سرعام ماڻھن کي ڦري لٽي رهيا آهن،  ھنن چيو ته درگاھ روڊ سميت مختلف ڪاروباري مرڪزن مان ڦريون ڌاڙا معمول بڻيل آهن، جنهن سبب غيرمحفوظ بڻيل آهيون، هنن چيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.