خيرپور (رپورٽر) ضلعي انتظاميا ۽ سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي گڏيل سهڪار سان لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت يونين ڪائونسل سطح تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عام ماڻهن، اقليتن، عورتن، ۽  ٽرانس جينڊر کي سرڪاري طور بنيادي سهولتن جي فراهمي بابت کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ظفر ڦلپوٽو، ڊي ايچ او ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ذوالفقارگلال سميت مختلف کاتن جي عملدارن، يوسي اڀڙي ۽ وڏا ماڇيون جي سماجي ڪارڪنن ۽ عورت اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اوپن فورم ۾ 40 کان وڌيڪ سماجي ڪارڪنن ۽ عورتن ٻنهي يوسيز جي صحت مرڪزن، اسڪولن، نياڻين جي تعليم، پبلڪ پارڪ ۽ هنري مرڪزن کي فعال بنائڻ، صفائي سٿرائي، ڊرينيج، برٿ ۽ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ۽ بهتر روزگار جي فراهميءَ لاءِ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو. ان موقعي تي کليل ڪچهري جي سموري ڪارروائي تحريري طور لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائڻ لاءِ صحيحون ڪيون ويون.