قمبر/ پکو (نمائندن وٽان) قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ڀرسان  ڏيڍ سال اڳ پلاٽ جي مالڪي تان اسراڻ برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل عورت فهميده سيال جي واقعي جي سلسلي ۾  پ پ ايم پي اي سھيل انور سيال، ايم پي اي برھان چانڊيو، ايم پي اي گھنور اسراڻ، مجاهد حسين شاهه جي  اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو مقتولا عورت جي وارثن وٽ پهچي سندس مڙس سرور سيال ۽ تقي سيال کي چيو ته اسان توهان وٽ لنگهي آيا آھيون، جنهن تي ميڙ منٿ کي مان ڏيندي مقتولا جي وارثن عورت جو خون بخش ڪري ڇڏيو آھي. ياد رهي ته ڏيڍ سال اڳ پلاٽ جي مالڪي تان ايم پي اي گهنور اسراڻ جي والد غلام شهيد اسراڻ سميت هٿياربندن پوليس جي موجودگي ۾ حملو ڪري فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ هڪ عورت فهميده سيال قتل ٿي وئي هئي، جڏھن ته 3 ڄڻا زخمي ٿيا هئا مقتولڻ عورت جي ڏير غلام تقي جي فرياد تي واقعي جو ڪيس ايم پي اي گهنور اسراڻ جي والد غلام شهيد اسراڻ، ڪسٽم آفيسرنديم اسراڻ، تصور اسراڻ، عزيز اسراڻ، پوليس اهلڪار سپاهي سيف الله شاهاڻي، طالب لاڙ سميت 6 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو هو،  جنهن ۾ چار جوابدار گرفتار آھن، جڏھن ته ڪيس جو مک جوابدار ايم پي اي گهنور اسراڻ جي والد صحت کاتي جي رٽائرڊ ڊي ايڇ او غلام شهيد اسراڻ جي گرفتاري لاءِ مقتولڻ جي وارثن طرفان احتجاج پڻ ڪيا ويا هئا، بعد ۾ شھيد اسراڻ عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي هئي ۽ پوءِ بيماري وگهي فوت ٿي ويو هو،  اهڙو ڪيس لاڙڪاڻي جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ هلندڙ آھي. رابطو ڪرڻ تي ڪيس جي فريادي مقتولڻ عورت جي ڏير جو چوڻ هو ته برادري جي سردار سهيل انور سيال سميت ميڙ منٿ قافلو اچڻ تي خون بخش ڪري ڇڏيو آھي ڪا به رقم ناهي ورتي آھي.جڏھن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته جوابدار ۽ مقتول ڌر جون پاڻ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڳالهيون ڪري جوابدار ڌر مٿان ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڏنڊ رکيو ويو هو.