ڪراچي:  ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي محمد حسين چيو ته ڪراچي جي قديمي ڳوٺن کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ سرڪار  ڪاميٽي ٺاھي آھي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جو نمائندو شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته قديم ڳوٺن جي لسٽ اڳ ۾ئي موجود آھي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڳوٺ پڪا ڪرڻ جي مخالف ناھي، باقي اوهان حددخلين جي نالي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري اڏيل ڳوٺن کي ريگيولر ڪندا ته مسئلا ٿيندا ـ