لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي زال بشريٰ بي بي زمان پارڪ ۾ آپريشن جي خدشي سبب وزيراعظم ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو آهي. بشريٰ بي بي وڪيلن معرفت لکيل خط ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ نگران وڏي وزير محسن نقوي کي چيو آهي ته عيد تي زمان پارڪ ۾ آپريشن جو خدشو آهي پر ان حوالي سان عدالت جو حڪم موجود آهي، عدالتي حڪم جي غلط تشريح جو پلان ڪيو ويو آهي، پهرين به عدالتي حڪمن جي خلاف آپريشن ڪيو ويو، زمان پارڪ ۾ آپريشن ٿيو ته عدالت وينداسين.