اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن بابت سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي حڪومت جي نامزد ڪيل نمائندن تحريڪ انصاف سان باضابطا طور ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومت طرفان نامزد ڪيل نمائندن سردار اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ ٻين اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان جا باضابطا ڳالهين لاءِ رابطو ڪري رهيا آهيون. اسد قيصر حڪومتي نمائندن جي رابطي بابت اڳڀرائي کان پارٽي سيڪريٽري اسد عمر کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ان  حوالي سان اسد عمر چيو ته رابطو سٺي ڳالهه آهي، حڪومتي نمائندا سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ان اڳڀرائي کان آگاهه ڪن. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر زمان ڪائره رابطن جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ ۾ 26 اپريل تي ڳالهيون ٿينديون.  ان ئي شام قائدين جي ملاقات ٿيندي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياسي تلخي وڌي وئي آهي. خان صاحب وڏي محنت سان ماحول خراب ڪيو آهي.  اسين مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشيون ڪيون پيا، پر عمران خان کي به ڏسڻو پوندو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي.  اسان ڪوشش ڪئي آهي ته سياسي معاملن ۾ عدالت نه اچي ته  بهتر آهي.ماضي ۾ به ان عمل جا نقصان گھڻا ۽ فائدا گھٽ ٿيا آهن. اسان کي عدالت تي ۽ بينچ تي اعتراض آهن پر ان باوجود اسين عدالت وياسين، کين ٻڌايو ته مسئلو سياسي فورم تي حل ٿيڻ ڏيو. اسين چاهيون ٿا ته چونڊون دير سان نه ٿين، پر عدالت جا رستا ٻيا ۽ سياسي پارٽين جا ٻيا آهن. ائين ناهي ته رڳو پنهنجو دماغ استعمال ڪجي، بلڪه قانون جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي. اصل ۾ پيپلزپارٽي جو سياسي عمل جو تجربو ئي ناهي. ڪالهه منجھند هڪ وڳي اياز صادق سميت اسان سان ڳالهيون ٿيون. هنن چيو ته 26 تاريخ تي هو ويهندا. قمر زمان ڪائره وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ ڳالهين جو حصو نه هئي. ايم ڪيو ايم جو قائمخاني، نواز ليگ جا مريم اورنگزيب ۽ خواجه سعد رفيق پيپلزپارٽي جو فاروق ايچ نائيڪ  هو ۽ ٻئي پاسي کان اسد قيصر هو.  اسد قيصر چيو ته 26 تاريخ تي ڳالهيون ڪنداسين.  26 تاريخ تي سياسي پارٽين جا قائد به ملندا. سياسي تلخي موجود آهي. اسين ڪوشش ڪريون پيا. خواجه سعد رفيق يا آئون بيان ڏئي رهيا آهيون ته اسين پنهنجي قيادت کان پڇي پوءِ ڪري رهيا آهيون. هي سياسي قوتم جو ڪم آهي، اهو انهن کي ئي ڪرڻ ڏنو وڃي. 14 مئي تي ته چونڊُون ٿيندي نظر نٿيون اچن، پر دعا ڪريو ته ڳالهيون ڪامياب ٿي وڃن، زوري زبردستي جون چونڊون ڪرايون ويون ته اهي چونڊون پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿينديون.  هن چيوته ڳالهين ۾ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي نه هجڻ گھرجي.