لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان  فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي والد آصف زرداري کان منفي سياست جا سڀئي گُرسکي ويو آهي. بلاول پاران گذريل ڏينهن ڏنل بيان جي جواب ۾ فياض چوهاڻ جو چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي ڪارڪردگي سان سمورن وڏن وزيرن کي مات ڏئي ڇڏي آهي، موروثي سياست جي پيداوار بلاول عثمان بوزدار کي ڪٺ پتلي چوڻ کان اڳ پنهنجي جيءُ ۾ جهاتي پائي، پنجاب حڪومت انصاف ڪارڊ ۽ يونيورسٽيون ٺاهي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ صاف پاڻي ۽ صحت جون مناسب سهولتون به عوام کان کسي ورتيون آهن. هن چيو آهي ته پنجاب ڪورونا کي مات ڏني پر سنڌ ڪورونا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيسز پيدا ڪندو رهيو، آصف زرداري جي ڪٺ پتلي سنڌ ڪابينا ۽ مائٽ وزير هر محاذ تي ناڪام آهن.