حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ ملازمن جي برطرفي، پاڻي کوٽ، اين ايف سي ۾ ڪٽوتي خلاف ۽ ارس ا چيئرمين کي هٽائڻ لاءِ وفاق خلاف سڄو مهينو ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس حيدرآباد ۾ وڏي وزير جي صلاحڪار صغير احمد قريشي جي رهائشگاهه تي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر سسئي پليجو، ايم پي اي عبدالجبار خان، صوبائي وزير ڄام خان شورو، ضلعن ۽ ڊويزنن جي صدر، جنرل سيڪريٽريز سميت ٻين عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس بعد صوبائي وزير ڄام خان شورو جي رهائشگاهه تي گڏيل پريس ڪانفرنس پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف خاموشي اختيار نه ڪئي ويندي ۽ 5 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ عوام سان گڏجي وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا. هن چيو ته 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر نااهل حڪومت ڪو عملي ڪم ڪرڻ بدران ڪاميابي جا راڳ آلاپي رهي آهي. ملڪ جي پيداوار 70 سيڪڙو زراعت تي ڀاڙي ٿي. زرعي معيشت غير مستحڪم ٿيڻ بعد سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري 3400 رپين مان وڌي ساڍا 6 هزار رپين تائين پهچي وئي آهي پر وفاق مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران سنڌ کي 91 ٺاهه تحت حصي جو پاڻي به فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ارسا چيئرمين کي خبر آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال سنڌ جي اجازت کانسواءِ ناهي وهائڻو، پوءِ به سي جي اي ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ۾ پاڻي وهائي سنڌ جو 16 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. پاڻي ذخيرو ڪري سنڌ کي اڃ ۽ بک ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار پيو ڪري. اسان سڪي رهيا آهيون پر تربيلا کي ڀرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. آئين مطابق ارسا ۾ چيئرمين سنڌ جو نمائندو هئڻ گهرجي پر سنڌ جي ميمبر کي به برداشت نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 70 ارب رپين جي رڳو چانورن جي پيداوار ٿيندي آهي پر پاڻي جي کوٽ سبب هيل اها به نٿي سگهندي. وفاقي حڪومت 15 سالن کان سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي کاتن آءِ بي اي، ايف آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، ڪي پي ٽي ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني سميت 12 کاتن مان 16 هزار ملازمن کي بيروزگار ڪيو آهي جيڪو عمل غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي. عدالت ٻن سالن تائين فيصلو محفوظ ڪيو ۽ بعد ۾ جج فيصلو ٻڌائي پاڻ ئي رٽائرڊ ٿي ويو. هن چيو ته وفاق پاران آدمشماري ۾ به سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي. صوبائي حڪومت سي سي آءِ ۾ معاملو اٿاريو پر ڪنهن به سندن ڳالهه نه ٻڌي. 91 واري معاهدي تحت سنڌ کي پاڻي نه ملڻ سبب ارسا چيئرمين آهي ان کي فوري طور تي هٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته 74 سالن جي ماڻهو کي غيرقانوني طور چيئرمين بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ تيل ۽ گئس تي قبضو ڪري بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ان لاءِ فيصلو ڪيو آهي ته لتن وارا جن ڳالهين سا نه مڃندا ان ڪري سندن خلاف سڄو مهينو احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. سينيٽر تاج حيدر چيو ته سينيٽ پاران واٽر اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ پاڻي وارو معاملو اٿاريو ويو پر ارسا چيئرمين پاران مسلسل غلط بياني ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته 2018ع ۾ ٽه رخي فارمولي تي گڏيل مفاداتي ڪائونسل ۾ بحث ڪيو ويو جنهن بعد انور منصور جي رپورٽ ۾ واضح لکيو ويو ته ان فارمولي جي قانون ۾ ڪا به حيثيت نه آهي. 11 سالن تائين پاڪستان ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ نه ٿي آهي.






























