ڊکڻ (ن پ ا) مدئجي جي ڳوٺ سهتا واسي نوجوان سليم سهتو پنهنجو معصوم پٽ ساڻ ڪري پريس ڪلب ڊکڻ پهچي پنهنجي سس اقبال خاتون ۽ سالي پرويز سهتو جي ناجائزين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي نوجوان سليم سهتو ٻڌايو ته هڪ سال کان سس بنا جواز منهنجي گهرواري فريدا سهتو کي گهر رسائي ويهاريو آھي، منهنجي سس ۽ سالي منهنجي گهر واري کي هاڻ ورغلائي منهنجي خلاف بيهاريو آھي،دربدري واري زندگي گهاري رهيو آھيان ۽ معصوم پٽ به دربدر آھي، ھن وڌيڪ چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي سس ۽ سالي ٽئي ڏينهن مدئجي ٿاڻي تي لاڪپ به ڪرايو هو،جنهن بعد سول جج ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو هو،هاڻ به سس اقبال خاتون ۽ سالو ڳوٺ جي شرارتي ماڻھن سان ملي مون مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ ۾ لڳا پيا آھن، هن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته سس ۽ زال جي چوڻ تي مون مٿان ڪابه ڪوڙي ايف آء آر داخل نه ڪئي وڃي ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪري زال واپس ڏياري وڃي.