سامارو (ن پ ا) ساماري ڀرسان ڳوٺ نبن خان ڀرڳڙي واسي نوجوان 35 سالا موسيٰ پٽ خميسو ڀرڳڙي کي جوابدارن بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري لاش سم نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ طرف رواني ٿي وئي، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ ايوب ۽ چاچو بجار ساماري ٿاڻي تي پهچي پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار شاھ محمد ۽ ماڻڪ ڀرڳڙي گڏجي موسيٰ کي قتل ڪيو آھي.