روهڙي (ن پ ا ) روهڙي جي خانگي الشفا ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرياڻي غزالا ياسمين خلاف اعجاز علي چنو پنهنجي امڙ سان گڏجي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته الشفا ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرياڻي غزالا ياسمين وٽ ڳورهاري زال کي چيڪ اپ لاءِ وٺي آيس ته ڊاڪٽرياڻي پئسن جي لالچ ۾ ستاره چنو جو وقت کان اڳ آپريشن ڪري ڪچو ٻار ڄڻايو. هنن الزام مڙهيو ته وقت کان اڳ آپريشن ڪرڻ سبب عورت ۽ ڄاول ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وڃڻ سبب ٻارڙي کي سکر جي نجي اسپتال موڪلي اتي آڪسيجن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ھڪ ڏينھن اڳ اسپتال ۾ داخل ٿيا آهيون ڊاڪٽرياڻي آپريشن جا 30 ھزار ورتا آهن، آپريشن بعد عورت کي تڪليف وڌڻ باوجود ڊاڪٽرياڻي پاران ڪنهن به قسم جي دوا ڏيڻ بدران دڙڪا داٻا ڏنا پيا وڃن، مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ناجائزي ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي،ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته عورت جي طبيعت بلڪل نارمل آهي ۽ ٻار ڪمزور پيدا ٿيو آهي، جنهن ڪري ان کي سکر جي نجي اسپتال ۾ آڪسيجن ۾ رکيو ويو آهي جيڪو بلڪل نارمل آهي اسپتال جي فيس ۽ دوائن جي خرچ سميت 30 ھزار بل آيو آهي عورت جا وارث بل جي رقم ڇڏرائڻ جي ڪري اجايو واويلا ڪري رھيا آھن