روئڻ پٽڻ کان بهتر آهي ته دنيا کي ڏيکاريون اسان زنده قوم آهيون: وسيم/ وقار

0
185
روئڻ پٽڻ کان بهتر آهي ته

ڪراچي(م ڊ) نيوزيلينڊ پاران پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

هن حوالي سان ڪرڪيٽ جا شوقين ڏکارا ته آهن ٻي پاسي اڳوڻا ڪرڪيٽرز ۽ انتظاميه به ڏکاري آهي.

اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته بد قسمتيءَ سان اسان اهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهيون جتي دهشتگردي راند ۽ انٽرٽيمينٽ کي هر ملڪ ۾ متاثر ڪيو، پر هو اهڙي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ پسند ڪندا جيڪي هن سان مقابلي لاءِ تيار هجي.

وسيم اڪرم چيو ته شير جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي سڄي زندگي کان بهتر آهي.

ٻئي پاسي اڳوڻي فاسٽ بالر وقار يونس چيو ته عزت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، اسان بدترين دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، جتي روئڻ پٽڻ کان بهتر آهي ته دنيا کي ڏيکاريون ته اسان زنده قوم آهيون.

وقار يونس جو چوڻ آهي ته هي ٽيم پاڪستان ۽ سائي جهنڊي جي سر بلندي جو وقت ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي هر پاڪستاني جي حمايت جي ضرورت آهي.