راڻيپور(ن پ ا) راڻيپور جي ڀٽائي محلي جو پورهيت گلزار علي ناريجو ولد فقير محمد ناريجو عورتاڻي آواز تي هرکجي پنو عاقل پنجگلي اسٽاپ وٽان اغوا ٿي ويو، شاهد ناريجو جو چوڻ آهي ته ٽي ڏينهن اڳ اسان جو ڀاءُ گم ٿي ويو هو، فون آيو ته اوهان جو ماڻھو اسان وٽ آھي، 30 لک ڏيو ماڻھو ڇڏائي وڃو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته غريب آھيون، ڀاءُ سر تغاري جي مزدوري ڪندو هو، جنهن کي فون ذريعي عورتاڻي آواز ۾ پني عاقل جي ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ويو آهي، ۽ ڌاڙيلن فون ڪري ٽيهه لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش موڪلڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن چيو ته اسان وٽ کاڌي پيتي لاءِ به پيسا نه آهن ته ٽيھ لک ڪٿان آڻينداسين