ٺل: علائقي ۾ چوٻول آھن ته سيپڪو جي اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر عبدالمجيد سرڪي وڏي ڀنگ عيوض ۽ راڄوڻي ڪوششن وسيلي بازياب ٿيو آھي، هوڏانهن عبدالمجيد سرڪي جي پٽ وحيد سرڪي جو چوڻ آهي ته پوليس ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪري ڪجهه گرفتاريون ڪيون هيون، جنهن بعد هو مغوي کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا، هن چيو ته سندس والد کي پوليس ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو آھي، هنن ڪو به ڀنگ نه ڀريو آھي، اهڙين خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي