راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ٿاڻي تي زميني تڪرار تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس ٽن صحافين سميت چئن ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. پوليس زمين جي مالڪ امداد جوڻيجو سندس ٻن پٽن اظهر جوڻيجو، حافظ سڪندر جوڻيجو ۽ ڀائٽي ذوالفقار جوڻيجو مٿان محمد بخش جوڻيجو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد راڌڻ پوليس ضمانت لاءِ ڪورٽ ويندڙ ٻن صحافي ڀائرن اظهر علي ۽ سڪندر علي کي گرفتار ڪري سول ڪورٽ ميهڙ مان ٽن ڏينهن جو رمانڊ وٺي ڇڏيو، زمين جي مالڪي جي دعويٰ تان پيدا ٿيل تڪرار جي هڪ ڌر جي امداد جوڻيجو جو چوڻ آهي ته هن زرعي زمين سليم جوڻيجو ۽ نسيم جوڻيجو کان 1993 خريد ڪري رجسٽري ڪرائي ۽ هاڻي سندس ڀائٽين فصل کڻڻ لاءِ ڪچي مان ڏوهاري گهرائي منهنجن پٽن مٿان حملو ڪيو، جن ويجهي گهر ۾ پناهه ورتي ۽ راڌڻ پوليس الٽو اسان مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، صحافي ذوالفقار جوڻيجو چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان پوليس طرفان ٽائون جي پلاٽ تي قبضو ڪري رپورٽنگ روم ٺاهڻ واري ڪم جون خبرون ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد پوليس صحافين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هن چيو ته عجب آهي جو زمين جا مالڪ لاڪپ ۾ آهن ۽ قبضو ڪندڙ پوليس جي مدد سان فصل جو لابارو ڪري ڪڻڪ کڻن پيا. ٻئي طرف راڌڻ ٿاڻي جي ايس ايچ او ممتاز سرڪي چيو ته ڌرين جو زميني تڪرار هلندڙ آهي اسان ان معاملي مداخلت نه ڪري رهيا آهي، اسان مٿان فصل کڻائڻ جا الزام ڪوڙا آهن.