مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسو ڀرڳڙي جي ڳوٺاڻن بااثرن تي حملو ڪري ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام هنيو آهي. ڳوٺاڻن موجب شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ حاجي مولابخش سيال ۾ بااثر ڌرين پاران ڳوٺ تي ھٿيارن سان چڙھائي ڪري 50 ساله قديمي ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، نظير احمد سيال، وزير احمد سيال، بادشاھ سيال، ارباب علي سيال ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اي ڊي او اسپيشل ايجوڪيشن قاسم آباد حتف سيال، روينيو ڪلارڪ نديم سيال، پرويز سيال، ياسر سيال هٿياربندن سان گڏجي ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ٽن ڳوٺاڻن کي زخمي ڪري وڌو آھي ۽ ڳوٺ کي خالي ڪرائڻ جو چتاء ڏئي ويا آھن. جڏھن ته شاھپور در ٿاڻي جي پوليس ان معاملي ۾ اي ڊي او اسپيشل ايجوڪيشن قاسم آباد جي ڌر بڻيل آھي ۽ مخالف ڌر جي وانگارو بڻيل آھي ھنن چيو ته آء سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مسئلي جو نوٽس وٺي انصاف ڪري.