دي ليجنڊ آف مولا جٽ ڀارتي سينما گهرن ۾ رليز لاءِ تيار

0
155
دي ليجنڊ آف مولا جٽ

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بزنس ڪندڙ پاڪستاني فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ جلد ڀارتي سينما گهرن ۾ ڏيکاري ويندي

بلال لاشاري پروڊڪشن تحت ٺهندڙ پاڪستاني فلم دنيا مان هن وقت تائين 220 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪي آهي. 30 ڊسمبر تي ڀارت ۾ رليز ٿيڻ کانپوءِ اميد ڪئي پئي وڃي ته فلم پنهنجي ڪمائي جو نئون رڪارڊ قائم ڪندي

ڀارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 30 ڊسمبر تي رليز ٿيندڙ دي ليجنڊ آف مولا جٽ لاءِ ڀارتي مارڪيٽ لاءِ کليل ميدان موجود آهي ڇوته ان جي مقابلي ۾ ڪابه وڏي فلم موجود نه آهي ۽ شاهه رخ خان جي فلم پٺاڻ رليزا ٿيڻ ۾ اڃا گهڻو وقت آهي