سنجهوري ۾ قتل ٿيل ديا جو قتل ڪيس داخل، 3 شڪي گرفتار

0
465
سنجهوري ۾ قتل ٿيل ديا

جهول (رپورٽر) سنجهوري۾بيدرديءَ سان قتل ٿيل ديا ڀيل جو قتل ڪيس داخل ٿي ويو، پٽ سومرو ڀيل جي فرياد تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار ٿيلن ۾ مقتولا جو ڀاءُ به شامل آهي

ڪالهه جوابدارن جي ڳولا لاءِ پوليس پاران کوجي ڪتا گهرايا ويا جيڪي مقتول عورت جي والد ۽ سندس ڀاءُ جي گهر ۾ ويهي رهيا، عورت جي والد ۽ ڀاءُ جو چوڻ آهي ته هو لاش کڻائي گهر آيا جنهن ڪري کوجي ڪتا سندن گهرن ۾ ويٺا آهن

ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته اسان قاتلن جي ويجهو پهچي ويا آهيون، جلد کين سوگهو ڪيو ويندو، ايس ايچ او سنجهورو موجب شروعاتي جاچ مطابق قتل جا پيرا ويڙھي ۾ ئي وڃن ٿا، جلد مک قاتلن تائين پهچي وينداسين

 قتل ٿيل عورت جي والد ۽ سندس پٽ سومرو ڀيل جو بيان

جهول: بيدردي سان قتل ڪيل عورت جي والد ٻڍو ڀيل ۽ سندس پٽ سومرو ڀيل چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني يا تڪرار ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪو ڏيتي ليتي جو معاملو آهي

هنن ٻڌايو ته عورت ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي ڪمند جي ڇلي تان گاھ کڻڻ لاءِ وئي هئي، ٻن پهرن جو هڪ وڳي ڌاري هڪ ڀري نياڻي کي ڏئي وري ٻي ڀري کڻڻ لاءِ وئي ته واپس نه موٽي

ٻنهي جو چوڻ هو ته زمين تان شام جو ڪم تان گهر موٽياسين ته خبر پئي ته ديا گهر ناهي پهتي، جنهن کانپوءِ اسان ڳولا شروع ڪئي ته سندس لاش سرنهن جي فصل مان مليو، اسان سان ظلم ٿيو آھي، انصاف ڪيو وڃي

واضح رهي ته ڳوٺ ڊپٽي مان پوليس کي هٿ آيل لاش جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيل هو ۽ ڌار ڪيل سر کي به بخش نه ڪيو ويو، سر جي منهن تان کل ۽ وار به انتهائي وحشياڻي طريقي سان روڙيا ويا هئا

ظلم جي انتها ته اها ٿي جو عورت جي ڇاتي ۽ نازڪ عضوي کي تيز ڌار واري اوزارسان وڍيو ويو، جڏهن ته تشدد ڪري سڄي جسم جي کل لاٿي وئي، قتل ڪيل ديا ڀيل کي هڪ پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد آھي

هي به پڙهندا

ظلم جي انتها، سنجهوري ۾ عورت قتل: نازڪ عضوون کي ڪٽي لاش ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جو انڪشاف