ظلم جي انتها، سنجهوري ۾ عورت قتل: نازڪ عضوون کي ڪٽي لاش ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جو انڪشاف

0
1056
ظلم جي انتها، سنجهوري ۾ عورت قتل
ظلم جي انتها، سنجهوري ۾ عورت قتل: نازڪ عضوون کي ڪٽي لاش ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جو انڪشاف

سانگهڙ ضلعي جي علائقي سنجهوري ۾ عورت کي بيدردي سان مارڻ بعد لاش ڳڀا ڳڀا ڪري ٽڪرا ڦٽا ڪيا ويا، پوليس اڃا تائين ڪيس به داخل نه ڪري سگهي آهي

هيءَ واقعو گذريل ڏينهن(27 ڊسمبر) تي ڊپٽي ڳوٺ ڀرسان پيش آيو، جتي پراسرار نموني گم ٿيل بيواهه عورت ديا ڀيل جو لاش سرنهن جي فصل مان هٿ آيو
مقتولا عورت جو مڙس تلوڪ ڀيل اڳ ئي فوت ٿي چڪو آهي، هوءَ گذريل ڏينهن گاهه ڪرڻ لاءِ نڪتي ته انسانيت جي ويري وحشي بگهڙن جي ور چڙهي عبرتناڪ موت جو شڪار بڻجي وئي
ڊاڪٽرز موجب عورت جو لاش ڳڀا ڳڀا ٿيل آهي، کيس قتل ڪرڻ بعد سندس جسم جي نازڪ عضوون کي تيز ڌار اوزار سان ڪٽيو ويو، جڏهن ته مقتولا جي جسم تان کل پڻ لاٿي وئي
مقتولا عورت جي وارثن جي اطلاع تي سنجهورو پوليس پهتي ۽ عورت جي ڳولا واسطي کوجي ڪتا به گهرايا جيڪي ديا ڀيل جي والد جي گهر ۾ ئي ويهي رهيا

واضح رهي ته ديا ڀيل پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ رهندي هئي، انسانيت سوز واقعو پيش اچڻ باوجود پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪيو
ڳوٺاڻن موجب عورت جي بيرحماڻي قتل بعد علائقي ۾ خوف وارو ماحول آهي، جڏهن ته ايڏو وڏو واقعو پيش اچڻ باوجود پوليس سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو
ايس ايس پي سانگهڙ بشير بروهي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته ديا ڀيل کي بيدردي سان قتل ڪري سندس ڇاتيءَ وڍي وئي، مقتولا جي وارثن ڪيس داخل ناهي ڪرايو، کوجي ڪتن ذريعي جوابدارن جي ڳولا پڻ جاري آهي
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسان اهڙو واقعو ڪڏهن ناهي ٻڌو جو ڪنهن عورت کي ايڏي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هُجي، ڪڏهن ناهي ٻڌو ته عورت جي جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪري سندس نازڪ عضوون کي وڍيو ويو هُجي

هن کي به پڙهندا

جيڪب آباد پوليس جا سال دوران عدالت کان مٿانهان 44 مقابلا، 5 ڄڻا فل ۽ 40 هاف فراءِ، متاثر اعليٰ عدالت ۾ وڃن: قانوني ماهر

نوجوان جي قتل واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل 3 پوليس اهلڪارن جو رمانڊ منظور

دادو ۾ ناري پاران معصوم ٻارڙَي سميت پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش