جيڪب آباد پوليس جا سال دوران عدالت کان مٿانهان 44 مقابلا، 5 ڄڻا فل ۽ 40 هاف فراءِ، متاثر اعليٰ عدالت ۾ وڃن: قانوني ماهر

0
226
جيڪب آباد پوليس جا سال

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد پوليس 2022ع سال دوران فلمي سين وانگي عدالت کان مٿانهن مبينا جعلي مقابلن ۾ 40 ڄڻن کي هاف فراءِ ۽ 5 ڄڻن کي فل فراءِ ڪيو

ضلعي جي 22 ٿاڻن جي پوليس پاران سال 2022ع ۾ 4 فيبروري تي عامر لاشاري، 8 فيبروري تي عباس بنگلاڻي، 17 فيبروري تي احسان گولو ۽ شفيق سرڪي، 26 فيبروري تي جاويد مغيري، 6 مارچ تي شاھزمان رند ۽ منصور عباسي، 9 مارچ تي مامي ۽ ڀاڻيجي صدام کوسو، اڪرام الدين کوسو، 12 اپريل تي قاسم کوکر، 11 آڪٽوبر تي سراج ابڙو ۽ عبدالرحمٰن لاشاري، 15 آڪٽوبر تي پرويز لغاري، صديق بنگلاڻي، نادر چانڊيو، مولا بخش عرف شبير بروهي، دوستين بگٽي، هزار خان عرف ھزارو بنگلاڻي سميت 40 ڄڻن کي هاف فراءِ جڏهن ته 5 ڄڻن کي به گرفتاري بعد فل فراءِ ڪيو ويو.فل فراءِ ٿيندڙن ۾ بخت عرف بختو جکراڻي، جمال الدين جکراڻي، حليم بنگلاڻي، ڇوٽو بنگلاڻي ۽ لال مير جکراڻي شامل آهن

جيڪب آباد ۾ هڪ سال دوران 35 ڄڻن کي هاف فراءِ ۽ 5 ڄڻن کي فل فراءِ ڪرڻ واري واقعن بابت ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سُمير نور چنا کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ان ڪال اٽينڊ نه ڪيو جڏهن ته ڊي ايس پي ڪمپلين سيل منير احمد ڦلپوٽو سان رابطو ڪيو ويو جنهن موقف اختيار ڪيو ته ان بابت ايس ايس پي ئي موقف ڏئي سگهي ٿو

ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن جي حماد الله انصاري چيو ته جعلي مقابلن ۾ هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ جو ڪنهن کي حق ناهي جيڪي پنھنجي عدالت قائم ڪري ڪنهن کي سزا ڏين هن چيو ته سزا جو حق عداليا کي آهي جيڪو پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي تحت ڪنهن کي سزا ڏئي سگهي ٿي هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جهڙا واقعا قانون ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهن

جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر مظفر علي رند پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هاف ۽ فل فراءِ عمل قانون کان مٿانهون آهي. هن چيو ته مون وٽ 10 کان وڌيڪ اھڙا ڪيس آيا آهن، جن کي پوليس کنڀي هاف ۽ فل فراءِ ڪري ٿي

پوليس جي هاف ۽ فل فراءِ پالسين کانپوءِ ڏوهي وارداتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ننڍي عدالتن کي هاف ۽ فل فراءِ بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار ناهن، متاثر هاءِ ڪورٽ ۾ سي پي داخل ڪرائن، جنهن سان ملوث پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل سان گڏوگڏ انھن جي نوڪري به چٽ ٿي ويندي

هن چيو ته پوليس جعلي مقابلن بعد داخل ايف آئي آر ۾ موقف اختيار ڪندي آهي ته 15 منٽ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو ۽ ڏوهاري کي ساٿي جي گولي لڳي آهي پوليس جي ڪوڙن مقابلن جي ان سان به تصديق ٿئي ٿي ته جن به ماڻهن کي هاف فراءِ ڪيو ويو ان کي ساڄي ڄنگهه ۾ گولي هنئي وئي آهي.