نوجوان جي قتل واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل 3 پوليس اهلڪارن جو رمانڊ منظور

0
257
نوجوان جي قتل واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل
نوجوان جي قتل واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل 3 پوليس اهلڪارن جو رمانڊ منظور

ڪراچي جي عدالت نوجوان جي قتل واقعي ۾ نامزد ڄاڻايل ٽن پوليس اهلڪارن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي
گلستان جوهر واري علائقي ۾ قتل ٿيل نوجوان عامر علي واري واقعي ۾ ملوث 3 پوليس اهلڪارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
ڪراچي جي عدالت ٽنهي جوابدارن کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي کين 2 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
مقتول نوجوان عامر علي جي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي
گذريل ڏينهن پوليس فائرنگ ۾ نوجوان عامر علي مارجي ويو هو، واقعي ۾ گرفتار پوليس اهلڪارن نوجوان کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي

هن کي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي سمورن کاتن اندر معذور ڪوٽا تي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم

ٿرڪول واٽر پروجيڪٽ ۾ اربين رپين جا گهپلا: جاچ شروع

ايم پي اي علي گوهر مهر سميت 20 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل