سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي سمورن کاتن اندر معذور ڪوٽا تي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم

0
335

ڪراچي (اسسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ ۾ سمورن کاتن اندر معذورن کي چئن مهينن ۾ ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ معذور ماڻهن کي ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي دوران معذور ماڻهن کي ڪوٽا تي نوڪري نه ڏيڻ تي عدالت طرفان سنڌ حڪومت مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

عدالت جو چوڻ هو ته سمورن کاتن ۾ معذور ماڻهن کي ڀرتين جو عمل ٻن هفتن ۾ شروع ڪيو وڃي، ان تي ايڊيشنل ايڊدوڪيٽ جنرل چيو ته جن کاتن ۾ آساميون خالي آهن انهن ۾ ڀرتيون ڪيون وينديون، معذور ماڻهن جي ڪوٽا تي سنڌ سرڪار ڪجهه حد تائين عملدرآمد ڪيو آهي

هي به پڙهندا

معاشي معاملا ڏکيا پر ڪنٽرول ۾ آهن، پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو: اسحاق ڊار