ايم پي اي علي گوهر مهر سميت 20 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل

0
378

گهوٽڪي (رپورٽر) ايم پي اي علي گوهر مهر، سندس پُٽ حاجي خان مهر ۽ ايم پي اي علي نواز خان مهر عرف راجا خان مهر سميت 20 ڄڻن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

عدالتي حڪم تي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي قمبر شاهه ڪاظمي جي فرياد تي نينگر سيد فدا عباس شاهه کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو

داخل ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته ايم پي اي ڀائرن سميت ڄاڻايل جوابدارن گهر تي حملو ڪري ڀائيٽي فدا عباس شاهه کي قتل جي ارادي سان ڪار ۾ کڻي اغوا ڪري کڻي ويا

فريادي جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون، داخل ڪرايل ڪيس ۾ 20 سال اڳ فوت ٿيل عبدالرزاق مهر به جوابدار طور نامزد ڪيوويو آهي

هي به پڙهندا

علي گوهر مهر ۽ راجا مهر تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم