علي گوهر مهر ۽ راجا مهر تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
652

ڪراچي: سپريم ڪورٽ گهوٽڪي ۾ وڪيل جي ڀائيٽي جي اغوا جَي الزام هيٺ سردار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سيد قمبر علي شاهه ڪاظمي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او پيش ٿيا

جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر ۽ ٻين تي اغوا جو ڪيس داخل نه ٿيڻ تي عدالت پوليس آفيسرز کان سخت پڇاڻو ڪيو

سپريم ڪورٽ پوليس کي فوري طور ڪيس داخل ڪري مغوي کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوليس آفيسرز کي عملدرآمد رپورٽ جمع  ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي

درخواستگذار جو موقف آهي ته سردار علي گوهر، راجا مهر ۽ ٻين سندس ڀائيٽي فدا عباس شاهه کي 2018 ۾ اغوا ڪرايو هو

درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته مغوي ڀائيٽي کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج، علي گوهر مهر جا سنگين الزام

نيٺ محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر ۾ ٺاهه ٿي ويو