نيٺ محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر ۾ ٺاهه ٿي ويو

0
467

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار محمد بخش مهر ۽ جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر مهر وچ ۾ ٺاهه به ٿي ويو، ٻنهي وچ ۾ ٺاهه ٿيڻ بعد دعا گهرائڻ سان گڏ مٺائي به ورهائي وئي آهي

محمد بخش مهر جي ڪوٺايل ڪٺ ۾ علي گوهر مهر پهتو ته محمد بخش مهر پاڻ اُٿي سندس آجيان ۽ ڀاڪر ڀريو

محمد بخش مهر ۽ علي گوهر مهر وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، ٻنهي هڪٻئي کي معاف ڪيو ۽ پراڻيون رنجشون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو

محمد بخش مهر چيو ته سردار علي گوھر مھر تڏي تي پھتو سڀ رنجشون ختم ڪندي کيس معاف ڪيو آهي

علي گوهر مهر چيو آهي ته اسان ڀائر آھيون جيڪو سردار محمد بخش مھر جو مخالف اھو منھنجو مخالف ھوندو