ٽوئٽر مودي حڪومت جو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو

0
260
ٽوئٽر مودي حڪومت جو چهرو
ٽوئٽر مودي حڪومت جو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو

مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر تنقيد ڪچلڻ ۽ ناجائز پابنديون لڳرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ تي مودي سرڪرا خلاف ڪيس ڪري ڇڏيو

ٽوئٽر انتظاميا ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته مودي حڪومت سوشل ميڊيا تان مواد هٽائڻ ۽ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهي آهي

آمريڪا ۾ قائم بين الاقوامي ڪمپني عدالت کي ٻڌايو ته ڀارت جي اطلاعات واري وزارت طرفان ڪجهه اڪائونٽس بغير نوٽيس بلاڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جيڪو ڪنهن به ريت مناسب ناهي

مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا تان حڪومتي ڏاڍ کي بي نقاب ڪندڙ حقيقتون هٽائڻ ۽ صارفين جا اڪائونٽس بند ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي