ڪروڙ پتي روسي ناري پنهنجي رشتي لاءِ بل بورڊ تي اشتهار لڳائي ڇڏيو

0
489

ڪروڙ پتي روسي ناري پنهنجي

ماسڪو(انٽرسٽنگ نيوز) روس جي ڪروڙ پتي ناري ماريا مولونوا رشتي لاءِ بل بورڊ تي اشتهار لڳائي ڇڏيو. آمريڪي ويب سائٽ نيويارڪ پوسٽ موجب روس طرفان يوڪرين تي حملن سبب روس ۾ ڪيتريون ئي ڊيٽنگ ايپ غير فعال آهن

پابندين کي نظر ۾ رکندي روس جي 26 سالن جي ڪروڙ پتي بزنس ويمن بل بورڊ تي پنهنجي رشتي لاءِ اشتهار لڳائي ڇڏيو آهي

ان اشتهار تي جڏهن ورلڊ ٽوئر تي نڪرندڙ يوڪرين جي 26 سالن جي بزنس مين ڪارخوشا جي نظر پئي ته هن عورت کي سادو نوٽ لکي شادي جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو ۽ بورڊ تي لکيو ته ملينيئر هيڏانهن ڏسو مان هيڏانهن آهيان

هن لکيو ته مان جنگ جو حمايتي نه آهيان ۽ نه ولادمير جي عزت ڪندو آهيان، نه ئي مان اهو سمجهندو آهيان ته اتي ڇا ٿيو پر مونکي روسي عورت پسند آهي ۽ جڏهن مان اهو اشتهار ڏٺو ته مونکي روسي عورت پنهنجي آئيڊيل لڳي

تنهن ڪري مان فيصلو ڪيو آهي ته مان جواب لاءِ هڪ بل بورڊ لڳائيندس ته مان هاڻي ماريه جي شهر نه ٿو وڃي سگهان پر هن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائڻ چاهيان ٿو.