بيجنگ(دلچسپ نيوز) ديوار چين جي سرن ۾ چانورن جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب غيرمعمولي شاهڪار طور مشهور ديوار چين 2هزار سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اڄ به مضبوط حالت ۾ موجود آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2300 سال اڳ تعمير ٿيل ان ڀت جي ڊيگهه 5000 ڪلوميٽر کان وڌيڪ يعني لڳ ڀڳ 13 هزار ميل آهي، ڀت جي تعمير ۾ پچيل آلا چانور ۽ ليمي وارو پاڻي استعمال ڪيو ويو هو، منگ بادشاهت واري دور ۾ ٺاهيل ان ڀت جي سرن مان چانورپڻ هٿ آيا آهن، ڀت جي مضبوطي لاءِ سرن جي گاري ۾ چانورن جو اٽو به ملايو ويو هو، رپورٽ موجب ان وقت جا حڪمران ۽ ماهرتعميراتي ڪم ۾ چانورن جي استعمال کي مضبوطي سمجهندا هئا، زيجيانگ يونيورسٽي جي سائنسدان بن جيان زينڊ سرن تي تحقيق ڪئي، سندس چوڻ هو ته سرن ۾ مليل امائلوپيڪٽن سمينٽ ۽ گاري کي مضبوط بڻائي ٿو. بن جيان موجب چيني بادشاهه کي ڄاڻ هئي انڪري سرن ۾ چانورن جواستعمال ٿيو هو، ماهرن جو خيال آهي ته اهڙيت طرح چانورن جي اٽي يا ان جي جزن کي سرن ۽ سيمينٽ ۾ ملائي مضبوط عمارت تيار ڪري سگهجي ٿي.