دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور ايڪشن  ڪاميٽي پاران شهر ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف امن ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن زبير آزاد ماڇي، عمران انڙ، آسي ڀٽو، صبا ناز، روشن سومرو، شريف انڙ ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي مسئلو حل ڪيو وڃي،